جھِينگو/ گانگٽ

جھِينگو/ گانگٽ

جھِينگو/ گانگٽ

جھِينگو/ گانگٽ: جهينگو مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. جھينگو/گانگٽ عربي سمنڊ توڙي سنڌو درياهه ۾ عام جام ٿيندو آهي، جهينگو عام ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. لاڙي لهجي ۾ ننڍي گانگٽ کي ’هَڪم‘ چئبو آهي، جيڪو ’حبشي گانگٽ‘ به ڪوٺبو آهي. گانگٽ يا جهينگو ٻن نمونن جو ٿيندو آهي. هڪ اڇو ميرانجھڙو ۽ ٻيو سائو ڪارسرو. گانگٽ جي مغز جو رنگ سُرخ به ٿئي ته ڪٿي هيڊو ۽ چٽڪمرو به. سڄي جهينگي/ گانگٽ کي مختلف رنگ به ٿين ٿا. گانگٽ جو گوشت اڇو شيشي جهڙو ۽ پچائڻ کان پوءِ سفيد کير جهڙو ٿي پوندو آهي. هن ئي نسل جو هڪ گانگٽ سمنڊ ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ڳچيءَ وٽ ٿورو سنهو ۽ نرم ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڪيڪٽ“ به چوندا آهن. ڪارو سائو گانگٽ سمنڊ ۾ گهڻو ملي ٿو. جهينگو انتهائي سوادي ۽ گرم مڇي آهي، جيڪو ٿڌن ملڪن ڏانهن دٻن ۾ پيڪ ٿي وڪري لاءِ ويندو آهي. گانگٽ ٻن کان وٺي ستن اٺن انچن تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هي ٿولهه وڌ ۾ وڌ هڪ ڏيڍ انچ جيترو ٿيندو آهي. جهينگو ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تان به گهڻي تعداد ۾ ماريو ويندو آهي ۽ پرڏيهه درآمد ڪبو آهي. ڄامشوري واري پل ٺهڻ کان پوءِ جهنيگو مٿي ڪو نه ٿو چڙهي نه ته اڳ سکر تائين پهچندو هو. جهينگو سنڌي ماڻهن جي مرغوب غذا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو